ديوار برلن

ديوار برلن

ديوار برلن

ديوار برلن (Berlin Wall): جرمنيءَ جي قديم ديوار برلن جو بنياد، 13 آگسٽ 1961ع تي جمهوريه ريپبلڪ اوڀر جرمنيءَ (Democratic republic east Germany) رکيو هو. هن ديوار جي ٺهڻ سان اوڀر ۽ اولهه برلن هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. انهيءَ رڪاوٽ (Barrier) ۾ وڏين ڀتين سان گڏ، حفاظتي ٽاور به لڳل هئا. اهي ڀتيون ۽ ٽاور، جنهن ايراضيءَ کي گول ڦريل هئا، تن کي موت جو مقام (Deathstrip) سڏيندا هئا.
هن جڳهه تي گاڏين وغيره کي روڪڻ لاءِ کڏون ۽ ڪجهه ٻيا حفاظتي انتظام ڪيل هئا. اوڀر جرمن بلاڪ وارن ماڻهن جي دعويٰ هئي ته هنن هيءَ ديوار پنهنجي عوام کي آمريت جي استحصال کان بچائڻ خاطر ٺاهي هئي ته جيئن هو پنهنجن ماڻهن جي آزادي محفوظ رکي سگھن. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ ان ديوار، جرمنيءَ ۽ اوڀر جي اشتراڪي نظريي جي حامي بلاڪ ڏانهن ماڻهن جي هجرت ڪرڻ واري عمل کي گھڻي حد تائين روڪيو.
اولهه برلن جي شهري حڪومت هن ديوار کي شرم جي ديوار (Wall of Shame) سڏيندي هئي. ان تي اهو نالو اتان جي ناظم ولي برانٽ (Willy Brandit) رکيو، ڇاڪاڻ ته ديوار جو ٺهڻ انسانن جي چرپر ۽ آزاديءَ واري حق جي خلاف هو. ديوار جي ٺهڻ کان پهرين اوڀر جرمن بلاڪ وارن 3.5 ملين ماڻهن کي دوکي سان لڏائي هڪ هنڌ آباد ڪيو، ان کانپوءِ 1961ع کان 1989ع تائين اوڀر کان اولهه يا اولهه کان اوڀر جرمنيءَ وارن تي هڪ ٻئي جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي. انهيءَ عرصي دوران اٽڪل پنج هزار ماڻهن ديوار تان چڙهي ٻئي پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 100 کان 200 ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا. 1989ع دوران اوڀر جرمنيءَ ۾ ڪجهه اهم بنيادي سياسي تبديليون آيون. سوويت يونين جون حامي حڪومتون پولينڊ ۽ هنگري (Hungary) به ڪمزور ٿيڻ لڳيون هيون. آخرڪار ڪيترن هفتن جي وڳوڙن کانپوءِ اوڀر جرمن حڪومت 9 نومبر 1989ع تي اعلان ڪيو ته اتي جا شهري اولهه جرمني ۽ اولهه برلن وڃي سگھن ٿا. اهڙي نموني آخرڪار اها 29 سالن جي پابندي ختم ٿي وئي. اهو اعلان ٻڌڻ کانپوءِ اوڀر جرمن جا ڪيترا رهاڪو ڀت ٽپي اولهه جرمنيءَ ۾ داخل ٿيا ۽ اتي وڃي هنن آزاديءَ جي خوشي ملهائي.


لفظ ديوار برلنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.08.13  عيسوي

جرمنيءَ جي قديم ديوار برلن جو بنياد، 13 آگسٽ 1961ع تي جمهوريه ريپبلڪ اوڀر جرمنيءَ (Democratic republic east Germany) رکيو هو.


1989.11.09  عيسوي

1989ع دوران اوڀر جرمنيءَ ۾ ڪجهه اهم بنيادي سياسي تبديليون آيون. سوويت يونين جون حامي حڪومتون پولينڊ ۽ هنگري (Hungary) به ڪمزور ٿيڻ لڳيون هيون. آخرڪار ڪيترن هفتن جي وڳوڙن کانپوءِ اوڀر جرمن حڪومت 9 نومبر 1989ع تي اعلان ڪيو ته اتي جا شهري اولهه جرمني ۽ اولهه برلن وڃي سگھن ٿا. اهڙي نموني آخرڪار اها 29 سالن جي پابندي ختم ٿي وئي. اهو اعلان ٻڌڻ کانپوءِ اوڀر جرمن جا ڪيترا رهاڪو ڀت ٽپي اولهه جرمنيءَ ۾ داخل ٿيا ۽ اتي وڃي هنن آزاديءَ جي خوشي ملهائي.



ڪوٽ، قلعو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلام ڳڙهه جو قلعو
ڇني ڪوٽ
خيرپور جوسي وارو ڪوٽ
بالاحصار قلعو
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا 1
چنيسر ڪوٽ
سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي
رهمڪي بازار ڪوٽ
خدا آباد جو قلعو
دليل ڪوٽ دهليل جو قلعو
ڪوٽ، قلعو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون